رپورٽ: ميرپور ماٿيلو: اغوا ٿيل نوجوان ڪٿي قيد هئا؟ ايس ايس پي ڪيو اهم انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ميرپور ماٿيلو: اغوا ٿيل نوجوان ڪٿي قيد هئا؟ ايس ايس پي ڪيو اهم انڪشاف
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ميرپور ماٿيلو: اغوا ٿيل نوجوان ڪٿي قيد هئا؟ ايس ايس پي ڪيو اهم انڪشاف

 

گهوٽڪي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري 5 ڏينهن پهريان اغوا ٿيل ٻن نوجوانن کي آزاد ڪرائي ورتو.

ايس ايس پي فرخ لنجار پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميرپور ماٿيلو پوليس ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪري اختر ۽ سندس سئوٽ ڪوڙو لکڻ کي بازياب ڪرائي ورتو آهي

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڌاڙيلن ٻنهي نوجوانن کي اغوا بعد وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ گهري هئي، جڏهن ته پوليس ڳجهي ڄاڻ تي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو آهي.

ايس ايس پي فرخ لنجار جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن خلاف ڪارروايون هلندڙ آهن کين جلد گرفتار ڪري ضلعي ۾ امن ڪرايو ويندو………………….

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.