رپورٽ:ميرپورماٿيلو: نيوي جي ٽوٻن پاران مسو واهه ۾ ٻڏي ويلن جي لاشن جي ڳولا جاري

عوامي آواز رپورٽ
ميرپورماٿيلو:
عوامي آواز رپورٽ ميرپورماٿيلو:

ميرپورماٿيلي ويجهو  مسو واهه ۾ ٻڏي ويل پنجن ڄڻن جا لاش 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود هٿ اچي نه سگهيا،  نيوي جي ٽوٻن پاران لاشن جي ڳولا جاري آهي.

مسو واهه تي عبدالباري پتافي ۽ علي گوهر مهر پهچي اسسٽنٽ ڪمشنر کان معلومات طلب ڪئي.

واضح رهي ته ڳڙھي چاڪر کان ميرپورماٿيلو ويندڙ خاندان جروار لنڪ روڊ 78 پل وٽ موٽرسائيڪل سوڌو مسوواھ ۾ ڪري پيو .

مسوواهه ۾ نوجوان امر لعل ميگھواڙ سندس زال ڪويتا ديوي سندن ٻه معصوم ٻارڙا  ڌي ۽ پٽ ۽ هڪ  عورت سلوچنا ديوي واھه ۾ ٻڏي ويا جن جي لاش جي ڳولا جاري آهي…………..

رپورٽ-سڪندر چانڊيو

You might also like