حڪومت طرفان رنگ ڀورو ڪرڻ وارين هاڃيڪار ڪريمن خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت صحت لاءِ هاڃيڪار رنگ ڀورو ڪرڻ وارين ڪريمن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

موسمياتي تبديلين بابت مملڪتي وزير زرتاج گل اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪي ڪمپنيون سستيون ڪريمون وڪرو ڪري رهيون آهن اهي عوام جي جلد خراب ڪرڻ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

زرتاج گل جو چوڻ هوته سندس وزارت ڪاسميٽڪس ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪندڙ ڪمپنين جي شين جي ڇنڊڇاڻ ڪري رهي آهي ڇاڪاڻ جو  پاڪستان مينا ماٽا مرڪزي ڪنوشن جو حصو آهي.

هن ٻڌايو ته سندس وزارت 59 مختلف لوڪل ۽ انٽرنيشنل ڪمپنين جي ڪريمن جي معيار کي جاچڻ لاءِ ليبارٽري موڪليو ۽ رڳو 3 ڪمپنيون عالمي معيار تي پورو لٿيون .

هن چيو ته باقي 56 جلد کي ڀورو بڻائيندڙ ڪريمن ۾ خطرناڪ حدد تائين مرڪيورڪ ڪلورائيڊ استعمال ڪيو پيو وڃي.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته 31 ڊسمبر تائين ان معاملي تي قانونسازي کانپوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like