مهوش حيات گرين شرٽس جي ڪاميابي تي خوش

 

اسلام آباد (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا مهوش حيات پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ميچ ۾ ڪاميابي تي مبارڪبون ڏنيون آهن.

مهوش حيات سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ذريعي پاڪستاني ٽيم کي ڏکڻ آفريڪا خلاف ڪاميابي تي مبارڪ ڏيندي خوشي جو اظهار ڪيو.

سندس چوڻ هو ته اسان ڪري ڏيکاريو ۽ اسان جي ٽيم جي ان ڪاميابي سان مخالفن کي بهترين جواب مليو آهي، اسان جي ٽيم ڏکڻ آفريڪا خلاف سٺو کيڏي آهي، اسان کي پنهنجي ٽيم تي فخر آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن ۾ به اسان جي ٽيم جيان بائونس بيڪ ڪرڻ جي صلاحيت ناهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 49 رنسن تان شڪست ڏني هئي.

You might also like