مهوش حيات تنقيد ڪندڙن کي وري موقعو ڏئي ڇڏيو

 

ڪراچي (شوبز نيوز) من موهڻي اداڪارا مهوش حيات کي ڪجهه وقت اڳ نشان امتياز سان نوازيو ويو هو، جنهن تي مداحن طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي، جڏهن ته هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان اداڪارا تي نه رڳو تنقيد ڪئي پئي وڃي پر کيس نشان امتياز ڏيڻ تي وري سوال اٿاري پيا وڃن، جنهن جو سبب اداڪارا طرفان پنهنجي تازي رليز ٿيل فلم ”ڇلاوا“ ۾ آئٽم نمبر تي پرفارم ڪرڻ آهي. مهوش حيات جو شمار پاڪستان جي باصلاحيت اداڪارائن ۾ ٿيندو آهي، هن ٽي وي تي اداڪاريءَ ذريعي نالو ڪمايو، جنهن کان پوءِ فلم انڊسٽري ۾ قدم رکيو ۽ پنهنجي ادائن سان سڀني کي موهي وڌو. شوبز انڊسٽري ۾ بهترين خدمتون ڏيڻ تي اداڪارا کي نشان امتياز سان نوازيو ويو هو پر سوشل ميڊيا واهپيدارن کي حڪومت طرفان مهوش حيات کي نشان امتياز ڏيڻ بلڪل به پسند نه آيو ۽ سوشل ميڊيا تي مهوش کي نشان امتياز ڏيڻ جي حوالي سان ڪيترن ئي ڏينهن تائين تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، اهو معاملو اڃا ختم ئي نه ٿيو ته مهوش حيات هڪ ڀيرو ٻيهر تنقيد ڪندڙن جا وات کولي ڇڏيا. عيدالفطر تي رليز ٿيندڙ فلم ”ڇلاوا“ ۾ مهوش حيات ”چڙيا“ نالي آئٽم نمبر تي پرفارم ڪيو ۽ پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هن ان گيت جي مختصر ويڊيو به شيئر ڪئي پر سوشل ميڊيا واهپيدارن کي مهوش حيات جو آئٽم نمبر بلڪل پسند نه آيو ۽ هنن اداڪارا کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي هڪ ڀيرو ٻيهر کيس نشان امتياز ڏيڻ تي سوال اٿاري ڇڏيا آهن. سوشل ميڊيا واهپيدارن آئٽم نمبر ۾ اداڪارا جي رقص کي بيهوده قرار ڏنو آهي.

You might also like