رپورٽ: ميهڙ: ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن جو اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ميهڙ: ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن جو اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ميهڙ: ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن جو اسڪول ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

*ميهڙ  ۾ ڳوٺاڻن ۽ سماجي اڳواڻن سندن اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو .

 ڳوٺ صوڀو خان مگسي جي رهواسين سندن ڳوٺ جي اسڪول ۾ استادن جي کوٽ،  اسڪول ۾ پاڻي  بجلي ، فرنيچر ۽ بنيادي  سهولتن جي کوٽ ۽ سياسي مداخلت  خلاف ساحر مگسي ،فهيم مگسي ، اشفاق مگسي، مهراڻ مگسي ، ساحل لاکير ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته سندن اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب علمي سرگرميون سخت متاثر ٿي رهيون آهن .

 هنن چيو ته سندن اسڪول استادن، فرنيچر  ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ آهي.

 هنن چيو ته هو ڪامورن توڙي چونڊيل نمائندن اڳيان دانهون ڪوڪون ڪري ٿڪجي پيا آهن پر ڪير به ٻڌڻ وارو نه آهي .

 هنن سنڌ جي تعيلم واري وزير کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي سندن اسڪول ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ……………..

You might also like