رپورٽ: ميهڙ: شاگرد سان زيادتي جي الزم هيٺ آيل ڌر ڪهڙي ڪئي گهر.!!!

عوامي آواز رپورٽ
AAAAAA
عوامي آواز رپورٽ AAAAAA

ميهڙ جي ڪاسائي پاڙي ۾ شاگرد سان مبينه ڏاڍائي جي ڪوشش جي الزام هيٺ آيل شاگردن ۽ والدين جو چوڻ آهي ته هو بيڏوهي آهن، واقعي بابت جاچ ڪرائي وڃي.

اٺين ڪلاس جي شاگرد سان مبينه طور ڏاڍائي جي ڪوشش جي الزام هيٺ آيل جوابدار شاگردن قدير تيوڻو ,احمد چنو  ۽ سندن والدين سليم چنو  ۽ الطاف تيوڻو پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مامري کي غلط رنگ ڏئي سندن ٻارن کي بي گناه ڦاسايو پيو وڃي

هنن چيو ته هو شريف شھري آھن واقعي جي ڪنهن به پوليس آفيسر يا عدالتي جاچ ڪرائي وڃي

سندن چوڻ هو ته واقعي جي پهرين ڏينهن کان اهي گهر ڪن پيا ته واقعي جي اڻڌري جاچ ڪري اصل حقيقت سامهون آندي وڃي

الزام هيٺ آيل شاگردن ۽ سندن والدين اختيارين کان گهر ڪيئ ته معاملي جي جاچ ڪري حقيقت سامهون آڻڻ سان گڏ جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃِي………………..

 

You might also like