ميزان بئنڪ نيٽ فلڪس کي ادائيگي جي سهولت غير شرعي قرار ڏئي بند ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميزان بئنڪ ان لائن ويڊيو اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس کي ماهوار فيس جي آن لائن ادائيگي جي سهولت غير شرعي قرار ڏئي بند ڪري ڇڏي.

ميزان بئنڪ ذريعن موجب اسلامي بئنڪ جا واهپيدار آن لائن اسٽريمنگ سهولت نيٽ فلڪس لاءِ ادائيگي نٿا ڪري سگهن.

ذريعن موجب اهڙو فيصلو بئنڪ جي شرعي بورڊ ڪيو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اسلامي بئنڪن جو انتظام اسٽيٽ بئنڪ جي ذميواري آهي ۽ ان ذميواري جي ادائيگي لاءِ مرڪزي بئنڪ جو قانوني ۽ ريگيوليٽري ماحول واضح ڪرڻ آهي، جڏهن ته اسلامي بئنڪن کي فراهم ڪيل ماحول جي پاسداري ڪرڻي هوندي آهي پر اسلامي بئنڪ پنهنجي واهپيدارن کي ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪري ٿي، اهو بئنڪ جي پاليسي ۽ شرعي بورڊ جو اختيار آهي.

واضح رهي ته نيٽ فلڪس ويڊيو اسٽريمنگ جي هڪ آمريڪي ڪمپني آهي، جنهن جا واهپيدار ماهوار معاوضو ادا ڪرڻ کانپوءِ فلمون ۽ ٽي وي شوز ڏسي سگهن ٿا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.