ماهرا خان پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينڊريلا قرار

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نامياري پاڪستاني اداڪارا مايا علي اداڪارا ماهرا خان کي پاڪستان فلم انڊسٽري جي سنڊريلا قرار ڏئي ڇڏيو.

تازو  ئي اداڪارا مايا علي پنهنجي فلم پري هٽ لو جي مشهور مهم ۾ وسيم بادامي جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن آئٽم نمبرن سميت مختلف موضوعن تي کلي ڳالهايو آهي.

ڳالهه ٻولهه دوران مايا علي فلمن ۾ آئٽم نمبر شامل ڪرڻ جي حمايت ڪندي چيو ته ڊرامي ۽ فلم ۾ فرق هوندو آهي، ماڻهن فلم تفريح لاءِ ڏسڻ ويندا آهن، فلم شامل گيتن کي کڻي توهان آئٽم نمبر چئو، شادي نمبر چئو يا ڪجهه به چئو، فلم ۾ شامل سمورا گيت ماڻهن کي تفريح فراهم ڪندا آهن.

مايا علي فلم طيفا ان ٽربل ۾ پنهنجي ساٿي اداڪار علي ظفر ۽ ميشا شفيع جي جنسي هراسان معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي اداڪارن مان ڪير ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي ۽ ڪير سچ اهو هوءَ نٿي ڄاڻي، ايترو ضرور ڄاڻان ٿي ته سندس علي ظفر سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو ڏاڍو سٺو رهيو.

ميزبان طرفان کائنس سوال ڪيو ويو ته هوءَ اداڪارا ماهرا خان، نيلم منير ۽ مهوش حيات ۾ مان ڪهڙي پاڪستان انڊسٽري جي سينڊريلا سمجهي ٿي جنهن تي مايا علي چيو ته سندس ويجهو اداڪارا ماهرا خان پاڪستان فلم انڊسٽري جي سينڊريلا آهي.

You might also like