مولانا فضل الرحمان نيلم منير جي دل ٽوڙي ڇڏي..!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا نيلم منير مولانا فضل الرحمان جي وزيراعظم خان بابت ڏنل بيان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته مولانا جي بيان منهنجي دل ڏکائي آهي.

اداڪارا نيلم منير ملڪ ۾ هلندڙ سياسي سرگرمي بابت پنهنجي راءِ جو اظهار سوشل ميڊيا جو استعمال ڪندي آزادي مارچ ۽ مولانا فضل الرحمان بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: تيز گام سانحو: ڪوڪ اسٽوڊيو نئين قسط روڪي ڇڏي

 نيلم منير انسٽاگرام تي پاڪستاني جهنڊي سان گڏ پنهنجي تصوير شيئر ڪرڻ سان گڏ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ دوران ڪيل تقرير تي رد عمل جو اظهار ڪندي لکيو ته آئون دل سان سڀني مذهبي اسڪالرن جي عزت ڪندي آهيان ۽ هنن جي تقريرن ۽ ليڪچرن مان رهنمائي حاصل ڪندي آهيان. اڄ مولانا صاحب عمران خان کي هن جي گھر مان گرفتار ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ مولانا صاحب جي ان ڌمڪي منهنجي دل ڏکائي آهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: ميرا جي فلم سائوٿ ايشين فلم فيسٽيول جي زينت بڻبي

هن لکيو ته اسان جو ملڪ افرا تفري، انتشار ۽ سول نافرماني نٿو ڪري سگھي. اسان نوجوانن کي پنهنجي تقدير سنڀالڻ جي ضرورت آهي جنهن جو رڳو هڪ ئي رستو آهي ته اسان ملڪ ۾ انتشار پکيڙيندڙن جي نه ٻڌون. اسان نوجوانن کي انهن ماڻهن جي خلاف گڏ ٿيڻو پوندو، ڀلي اهي ڪير به هجن، جيڪي اسان جي پياري ملڪ کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.