رپورٽ: مٽياري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي احتجاج جا ڪهڙا نڪتا نتيجا؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: مٽياري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي احتجاج جا ڪهڙا نڪتا نتيجا؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: مٽياري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي احتجاج جا ڪهڙا نڪتا نتيجا؟؟

 

 

مٽياري ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پاران پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ليڊي هيلٿ ورڪرن فهميدا، رضوانا ۽ نورجهان جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائنيدي چيو ته صحت کاتي طرفان ڪيترن ئي مهينن کان پگهارو جاري ناهن ڪيون جنهن ڪري هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن

سندن چوڻ هو ته اختيارين اڳيان دانهڻ باوجود رڳو ٺلهن دلاسن کانسواءِ ٻيو ڪجهه پلئه ناهي پيو.

احتجاج ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن وڏي وزير کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي کين ترت پگهارون ڏياري پريشانين کي  گهٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

 

You might also like