مصالحي واري چانهه

شيون:

پاڻي 2 ڪوپ

ٽي بيگز 2 عدد ”لوفيٽ“

کير 150 ملي ليٽر

دالچيني پنج سينٽي ميٽر ٽڪرو

فوٽن جو پائوڊر هڪ چمچي جو چوٿون حصو

ڪارا مرچ هڪ چمچو

شگر فري سويٽس رڳو ذائقي لاءِ وجهو

طريقو: هڪ ٻاٽيءَ ۾ پاڻي اوٻاريو ان ۾ ٽي بيگز وجهي ڇڏيو، اوٻارڙن کانپوءِ ٿانوَ کي چلهي تان لاهي وٺو ۽ ٽي بيگز پاڻيءَ ۾ ٻوڙي رکو. 10 منٽن کانپوءِ ٽي بيگز ڪڍي وٺو ۽ اڇلائي ڇڏيو، کير، مصالحو ۽ سويٽس به ملائي وٺو بعد ۾ ان کي چلهي تي ٻيهر رکي ڍڪي ڇڏيو، هاڻي ان کي ڪوپ ۾ وجهي پيش ڪريو.

You might also like