عمران صاحب کي هاڻي پرڏيهي دورن لاءِ به پنڻو پوندو : مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته عمران صاحب کي هاڻي پرڏيهي دورن لاءِ به پنڻو پوندو.

آمريڪي پرڏيهي آفيس طرفان وزيراعظم عمران خان جي آمريڪا دوري بابت اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪرڻ تي پنهنجي ردعمل ۾ ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان صاحب شاباش گهر ويهو، ڪوڙ ڳالهايو ۽ الزام هڻو، عمران خان صاحب ڇڏڻو ناهي انهن کي جن اوهان کي گهرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عمران صاحب گهٻرائڻو ناهي، اوهان ته موت به برداشت ڪري ويندا آهيو.

 

هن چيو ته اهو هوندو آهي فرق سليڪٽڊ ۽ چونڊيل ۾، هر هنڌ نااميدي، شابش گهر ويهي نواز شريف جي عالمي دورن جي خرچن جو حساب ڪريو، عمران صاحب اهو هوندو آهي فرق پنڻ ۽ سيڙپڪاري آڻڻ ۾، عمران صاحب کي هاڻ پرڏيهي دورن لاءِ به پنڻو پوندو.

مريم اورنگزيب چيو ته عمران صاحب اهو هوندو آهي فرق جڏهن ملڪ2.5 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهيو هوندو آهي ۽ جڏهن ملڪ 5.8 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهيو هوندو آهي پر عمران خان پريشان نه ٿيجو اسان ملڪ خاطر دعا ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.