حڪومت کي ڇا ڪرڻ گهرجي…؟ مريم اورنگزيب ٻڌائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پنجاب جو وڏو وزير، صوبائي وزير ۽ صلاحڪار ڊينگي جي مريضن جو اطلاع ڏيڻ بدران نااهلي ۽ نالائقي تي استعيفيٰ ڏين.

ملڪ ۾ وڌندڙ ڊينگي بخار جي وبا ردعمل ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ ڊينگي جي مريضن جو انگ 10 هزار ٿي چڪو آهي، حڪومت کي هاڻ خبر پئي، شڪر آ اڄ انگ اکر تسليم ته ڪيا ويا، هونئن ته نالائق حڪومت رڳو انڪار ڪندي رهي.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڊينگي بي قابو، حڪومت طرفان ڪنٽرول اينڊ آپريشن روم قائم

هن چيو ته عوام جيان ڊينگي جي مريضن جي به ڪا مدد نه پئي ٿئي، نالائق ۽ ساڙوٽي حڪومت شهباز شريف جي ساڙ ۾ سندس ڊينگي کان بچاءَ وارو پروگرام به بند ڪري ڇڏيو، نالائق حڪومت وٽ نه معاشي، نه ڪاروباري ۽ نه ئي ڊينگي جي روڪٿام لاءِ ڪو پلان آهي.

سندس چوڻ هو ته پنجاب جي وڏي وزير، صوبائي وزيرن ۽ صلاحڪارن کي ڊينگي جو اطلاع ڏيڻ بدران پنهنجي نااهلي ۽ نالائقي تي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هيءَ پهرين حڪومت آهي، جيڪا پنهنجي نااهلي جو پاڻ چرچو ڪري رهي آهي، آفيسرن کي معطل ڪري نااهل حڪمران پنهنجي غفلت ۽ نالائقي تي پردو نٿا وجهي سگهن.

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته سرڪاري خرچ تي پريس ڪانفرنسن، سوشل ميڊيا ۽ بيانن سان ڊينگي جو خاتمو نه ٿيندو، وڏو وزير، صوبائي توڙي وفاقي وزير ۽ صلاحڪار اسپتالن ۾ آفيسون کولين، سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وڃي، ڊينگي جي ٽيسٽ ۽ دوا مفت ڪئي وڃي، شهباز شريف جي ٺاهيل ڊينگي هيلپ لائن کي بحال ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.