بلاول ڪهڙو فائدو کڻڻ سکيو…؟ ماروي ميمڻ ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ماروي ميمڻ چيو آهي ته ڪجهه ماڻهن جي لاءِ  سچائي ۽ عزت ڊالر کان وڌيڪ اهم هوندي آهي، بلاول شهادت جو فائدو کڻڻ سکيو آهي ۽ پنهنجي نئين هٿ آيل ڀيڻ کي به اِهو ئي سيکاري رهيو آهي.

تفصيل موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ماروي ميمڻ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته غلط ڪمٽس ڏيندڙن کي سوشل ميڊيا تي بلاڪ ناهي ڪيو هو ڏسن ته هر ڪنهن جي زندگي ۾ پرائس ٽيگ ناهي هوندو، ڪجهه ماڻهن جي لاءِ سچائي ۽ عزت ڊالر کان وڌيڪ اهم هوندي آهي.

ماروي ميمڻ جو چوڻ هو ته بلاول شهادت جو فائدو کڻڻ سکيو آهي ۽ هاڻ پنهنجي نئين هٿ آيل وڏي ڀيڻ کي به اِهو ئي سيکاري رهيو آهي.

You might also like