آسٽريليا جو اهم رانديگر پاڪستان خلاف ميچ نه کيڏي سگهندو…

 

ٽائونٽن (ويب ڊيسڪ) آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف اهم ميچ کان اڳ اهم رانديگر مارڪس اسٽوئنس جي خدمتن کان محروم ٿي وئي آهي.

آسٽريلوي آل رائونڊر مارڪس اسٽوئنس چيلهه ۾ تڪيلف سبب پاڪستان خلاف سڀاڻي ميچ نه کيڏي سگهندو ۽ متبادل رانديگر لاءِ ٽيم مئنيجمينٽ آل رائونڊر شان مارش کي انگلينڊ گهرائي ورتو آهي.

مارڪس اسٽوئنس جو ورلڊ ڪپ جو سفر به تمام ٿيڻ جو خدشو آهي، سندس فٽنيس جي حوالي سان حتمي فيصلو آچر ڏينهن سريلنڪا خلاف ميچ کان اڳ ٿيندو.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون سڀاڻي ٽائونٽن ۾ آمهون سامهون ٿينديون.

You might also like