پي ٽي آءِ وزير ۽ اڳواڻ به گرفتار ٿيندا: منظور وساڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ وزيرن، پي ٽي آءِ  اڳوانن جي گرفتارين جي اڳڪٿي ڪندي پي ٽي آءِ جي ٻن وزيرن جي پيپلز پارٽي سان رابطن جي دعويٰ ڪري ڇڏي ۽ چيو آهي ته جنوري 2020ع تائين عمران خان کي مجبور تي لنڊن وڃڻو پوندو.

سياسي اڳڪٿي جي حوالي سان مشهور پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ وزيرن، پي ٽي آءِ ۽ جي ڊي اي اڳواڻن جي گرفتاري جي اڳڪٿي ڪندي سال 2020ع حڪومت لاءِ ڏکيو قرار ڏئي ڇڏيو.

منظور وساڻ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن وزيرن جو پيپلز پارٽي سان رابطن جي دعويٰ پڻ ڪئي، پ پ اڳواڻ وزيراعظم بابت چيو ته 2020ع ۾ عمران خان کي حڪومت نه پيو ڏسان، جنوري 2020ع تائين عمران خان کي مجبور ٿي لنڊن وڃڻو پوندو.

سندس چوڻ هو هت جولائي کان پي ٽي آءِ لاءِ ڏکيائيون شروع ٿي وينديون، وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ به پڪڙ ۾ ايندا، گرفتاريون ۽ حالتون حڪومت جي وڃڻ جو سبب بڻجنديون.

بجيٽ بابت منظور وساڻ چيو ته حڪومت لاءِ بجيٽ منظور ڪرائڻ ڏکيو هوندو، بجيٽ ۾ ڏکيايون پيدا ڪيون وينديون.

You might also like