زلزلي کانپوءِ منگلا ڊيم ٽٽڻ جو خطرو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي علائقي ميرپور ۽ جهلم ڀرسان زلزلي کانپوءِ ان جي چڪاس شروع ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب ڊيم ۽ بجلي گهر زلزلي ۾ محفوظ آهن پر واپڊا جي ٽيم ڊيم جي چڪاس شروع ڪري ڇڏي آهي، زلزلي کانپوءِ ڊيم چيڪنگ لاءِ ڊرلنگ به ڪئي ويندي آهي.

هي به پڙهي سگهوٿا: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شديد زلزلو، 4 ڄڻا فوت، 80 کان وڌيڪ زخمي

منگلا ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي مٿئين سطح 1242 فٽ آهي ۽ ذريعن موجب ڊيم کي خطرو ان ڪري پيدا ٿي ويو آهي جو ڊيم ڀرسان واري روڊ ۾ وڏا ڏار پئجي ويا آهن، روڊ ڇٻي پيو آهي، جنهن سبب اهو چيو پيو وڃي ته ڪجهه ميٽرن جي مفاصلي تي روڊ اهڙي خطرناڪ نموني تباهه ٿي سگهي ٿو ته ڊيم جي اندر جي حالت ڇا هوندي.

امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٽٽل روڊ مان پاڻي سمڻ شروع ڪري سگهي ٿو، جنهن سان ڊيم ٽٽڻ جو خطرو به ٿي سگهي ٿو، اس ڏس ۾ اختياريون ڊيم جو معائنو ڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.