رپورٽ: ملير: عمران خان ڏاڍ ذريعي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو: اسماعيل راهو ڪيو اهم انڪشاف

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ملير: عمران خان ڏاڍ ذريعي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو: اسماعيل راهو ڪيو اهم انڪشاف
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ملير: عمران خان ڏاڍ ذريعي حڪومت ڪرڻ چاهي ٿو: اسماعيل راهو ڪيو اهم انڪشاف

زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راھو چيو آھي ته وفاقي حڪومت مھنگائي وڌائي عوام تي ظلم جو پھاڙ ٽوڙي ڇڏيا آھن، مھنگائي خلاف آواز اٿارڻ تي واپارين کي ڌمڪيون ڏئي هيسايو پيو وڃي.

ملير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته پيپلز پارٽي جا جيالا گرفتارين ۽ ھلندڙ ڪيسن کان خوفزده ناھن، وزيراعظم عمران خان ڏاڊ ذريعي حڪومت ڪرڻ چاھي ٿو.

صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت زراعت کاتي ۾ جديد ٽيڪنالاجي آڻي رھي آھي، سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ايريگيشن جي واٽر ڪورس ۽ چينلز تي ڪم ڪيو ويندو جڏھن ته آبادگارن کي ڊرپ ايريگيشن جي سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ھلندڙ آھي،

صوبائي وزير چيو ته ڪراچي جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي سپر ھائي وي نادرن باءِ پاس ۽ نيشنل ھائي وي گھگھر ويجھو ٻه وڌيڪ سبزي ۽ فروٽ منڊيون قائم ڪيون پيون وڃن، جنھن ڪري ڪراچي جھڙي وڏي آبادي واري شھر کي فروٽ ۽ سبزي جي سپلائي آساني سان ٿي سگهي……………….

You might also like