فلم “ميليفسنٽ مسٽرس آف ايول” جو نئون ٽريلر جاري

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ڪامياب اداڪارا اينجلينا جولي 5 سال اڳ ڊزني جي “ميليفسنٽ” ۾ نظر آئي هئي ۽ پنهنجي ڪردار ۽ انداز سان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو ۽ هاڻي ايترن سالن کان پوءِ اداڪارا ٻيهر ان ڪردار ۾ واپسي ڪري رهي آهي.

فلم ميليفسنٽ جو سيڪوئل “ميليفسنٽ: مسٽرس آف ايول“ جي ٽيز کان پوءِ هاڻي ان جو پهريون ٽريلر رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هڪ نئين جادوئي دنيا متعارف ڪرائي وئي آهي.

اينجلينا ان فلم ۾ هڪ ڀيرو وري جادوگرياڻي جي دلچسپ ڪردار ۾ نظر ايندي.

واضح رهي ته  2014ع جي فلم “ميليفسنٽ ” 1959ع جي ڊزني جي ڪامياب ڪارٽون فلم “ سليپنگ بيوٽي” مان متاثر ٿي ٺاهي وئي هئي.

هن نئين فلم جي ڪهاڻي ليکڪ لنڊا ولورٽن لکي آهي، جڏهن ته ان جو هدايتون جوئچم روننگ ڏنيون آهن.

فلم “ميليفسنٽ: مسٽرس آف ايول” هلندڙ سال 18 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي.

You might also like