دنيا اڄ ”ملاله ڊي“  ملهائي رهي آهي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قوم جي بهادر نياڻي، پاڪستان جي سڃاڻپ ۽ دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر ۾ نوبيل انعام ماڻيندڙ شخصيت ملاله يوسفزئي اڄ پنهنجي 22 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي. گڏيل قومن صنفي مٿڀيڊ خلاف جدوجهد جي ڏهاڙي کي ملاله ڊي جي عنوان سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو هو.

گل مڪئي جي نالي ڊائري لکي شهرت جي بلنديون ڇهندڙ ملاله 12 جولائي 1997ع تي پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخوا جي ضلعي سوات جي علائقي مينگوره ۾ پيدا ٿي جتي هن شروعاتي تعليم حاصل ڪئي.

ملاله جو نالو ملال مان نڪتو آهي، ۽ ان نالو رکڻ جو سبب تسميه ميوند جي ملاله هئي جيڪا ڏکڻ افغانستان جي هڪ مشهور پشتون شاعرا ۽ ويڙهاڪ عورت هئي.

ملاله يوسفزئي کي سندس جرئت ۽ بهادري جي مڃتا طور سموري دنيا مان 40 عالمي اعزاز ملي چڪا آهن، پنهنجي ارڙهين سالگرهه تي هن شامي نياڻين جي تعليم لاءِ پهريون اسڪول قائم ڪيو هو ۽ هاڻ ملاله فائونڊيشن ڪيئي اسڪول هلائي رهي آهي. سال 2015ع ۾ هڪ خلائي سياري جو نالو به سندس نالي تي ” ملاله “ رکيو ويو هو.

You might also like