انگورن ۽ مڱيرن جو جادوئي مرڪب: روزويريٽرول

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ماهرن ڪيترن تجربن کان  پوءِ ريزويريٽرول نالي مرڪب کي حيرت سان ڏسڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مڱيرن، ساون ۽ ڳاڙهن انگورن ۾ ملندڙ اهو مرڪب دل کي توانو، بلڊ پريشر کي ڪنٽرول ۾ ۽ ڪينسر کي پري رکندو آهي.

هڪ تحقيق ۾ ڪُوئن تي ان جا هاڪاري اثر ڏٺا ويا آهن جنهن ۾ ريزويريٽرول کي بلڊ پريشر جي مرض ۾ فائديمند ڏٺو ويو آهي جڏهن ته ريزويريٽرول جو استعمال دماغي عضون (نيورون) کي ڪراڙو ٿيڻ کان بچائيندو آهي.

 اهو ڪيميڪل فالج ۽ دل جي ٻين مرضن کي به روڪيندو آهي. پر ان جو ٺوس سبب سامهون ناهي اچي سگھيو پر ڪجهه ماهرن ان جي اينٽي آڪسيڊنٽس خواصن کي ان جو سبب ٻڌائيندا آهن.

ڪنگز ڪاليج لنڊن جي ماهرن پهريان ڪوئن کي بلڊ پريشر جو مريض بڻايو ۽ ريزويريٽرول سان انهن جو علاج ڪيو. 15 ڏينهن تائين ڪوئن کي بلڊ پريشر جي حالت ۾ ريزويرتٽرول ڏني وئي ۽ ان کان پوءِ انهن جي بلڊ پريشر ۾ 20 ملي ميٽر گھٽتائي ٿي. ماهرن نوٽ ڪيو ته مرڪب ڪوئن جي رت جي رڳن تي به گھڻا سٺا اثر وڌا ۽ ان ۾ پي ڪي جي ون اي نالي پروٽين جي آڪسيڊائيزيشن جو عمل ٿيو.

سٺي ڳالهه اها آهي ته جڏهن ماهرن تجربي واري هنڌ ان کي انساني رت جي نالين جي خلين تي آزمايو ته ساڳيا ئي اثر پيا. پر روزويريٽرول مان گھربل نتيجا حاصل ڪرڻ گھڻو ڏکيو هوندو آهي ڇو جو انگورن ۽ ٻين ٻوٽن ۾ ان جو خفيف مقدار موجود هوندو آهي. ايندڙ مرحلي ۾ ماهرن روزويريٽرول جا سپليمنٽ تيار ڪرڻ تي غور ڪندا ته جيئن ان جي گھربل مقدار کي خوراڪ طور تيار ڪري سگھجي.