فرانسيسي صدر جي ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات

پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون ڀارتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن جي 7 سمٽ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏ ئي ڪشمير مسئلي تي پاڪستان سان ڳالهين لاءِ به زور ڏنو.

گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات جي 7 سمٽ کان اڳ ٿيل ميراٿون ڊي جو حصو هئي.

واضح رهي ته نريندر مودي جي 7 اجلاس ۾ خاص مهمان طور تي شرڪت ڪندو.

ايمانوئل ميڪرون ان کان اڳ برطانيا جي نئين وزيراعظم بورس جونسن ۽ يونان جي وزيراعظم سان به ملاقات ڪئي هئي.

ايمانوئل ميڪرون ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ تڪرار کي گڏيل طور تي حل ڪرڻ جي ضرورت ۽ ڇڪتاڻ کي گھٽ ڪرڻ تي زور ڏنو.

ياد رهي ته 5 آگسٽ تي نريندر مودي مسلمان اڪثيريتي والاريل ڪشمير جي خودمختياري ختم ڪري خطي ۾ وڌيڪ هزارين فوجي مقرر ڪري ڇڏيا هئا.

نريندر مودي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ ڪا به ڳالهه نه ڪئي.

You might also like