اچو ته زنده ليجنڊس کي ياد ڪرڻ جي روايت قائم ڪيون

زرار پيرزادو

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

اِها انتهائي افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته اسان ماڻهن کي رڳو مرڻ پڄاڻان يا ورسين تي ياد ڪندا آهيون ۽ بس.

مشهور شخصيتن کي وفات جي ڏينهن يا ورسين تي ياد ڪيو وڃي ٿو پر جيڪي سينيئر شخصيتون جيئريون آهن تن کي ڇو نٿو ياد ڪيو وڃي وڃي، اُهو آهي اڄوڪي ڪالم جو موضوع.

اسان فريده خانم، غلام علي، نيره نور، ناهيد اختر، رونا ليليٰ، اداڪارا زيبا، نديم، سنگيتا، ڪويتا، شاهد، مصطفيٰ قريشي، ظهير عباس، ماجد خان، آصف اقبال، مشتاق محمد، جاويد ميانداد، هاڪي پليئر اصلاح الدين، شهناز احمد، سميع الله، حسن سردار، جهانگير خان، سنڌي اداڪارا بينا مسرور، سڪينه سمون، روبينه قريشي، منظور قريشي وغيره کي ڇو ياد ناهيون ڪندا؟

ايئن اسان جا سينيئر سياستدان، اديب، شاعر، محقق، تاريخدان به آهن. جن کي جيئري ياد ڪري انهن مان گهڻي کان گهڻو فائدو وٺي سگهجي ٿو.

اهي ماضيءَ جا ڄاڻايل ڳائڻا، ڳائڻيون، اداڪار، اداڪارائون، ڪرڪيٽر جيڪي زنده آهن تن جي ڇو سنڀال ناهيون لهندا ته اُهي ڪٿي آهن پر جڏهن اُهي گذاري ويندا ته پوءِ هڪدم احساس ٿيندو ته وڏو عظيم نقصان ٿيو آهي، اهڙيون شخصيتون روز روز نه پر صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن.

انهن شخصيتن کي جيئري ان ڪري ياد ڪرڻ گهرجي ۽ کين خراج پيش ڪرڻ گهرجي ته جيئن نئون نسل جيئري انهن مان وڌ کان وڌ فائدو وٺي سگهي ۽ ائين ادارن کي به انهن جي تجربي مان فائدو وٺڻ گهرجي. ٻيو نه ته کين صلاحڪاري بورڊن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. سندن نالي ادارا ٺاهڻ گهرجن.

جيئن سندن وفات جي ڏينهن اسان کي اهو احساس نه ٿئي ته اسان پنهنجن قيمتي اثاثن کي ضايع ڪري ڇڏيو ۽ انهن مان وڌ کان وڌ فائدو نه وٺي سگهياسين.

 هاڻي سوال اِهو ٿو پيدا  ٿئي ته انهن زنده ليجندس کي ڪيئن ياد ڪجي ۽ ڪهڙي بهاني ياد ڪجي. پنهنجو خيال اِهو آهي ته انهن شخصيتن جا جنم ڏينهن اسانکي موقعو ڏين ٿا ته انهن ڏينهن يعني سندن سالگره جي موقعي تي کين ياد ڪجي، ان موقعي تي خاص اخباري ايڊيشن ڪڍجن، خاص ٽي وي پروگرام ڪجن ۽ سندن سالگره تقريبون ڪجن جيئن اهي زنده ليجنڊس پنهنجي اکين سان پنهنجو قدر به ڏسي سگهن.

پر نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته اسان جيئن ته مرده پرست قوم آهيون، زنده قوم ناهيون. تنهن ڪري اسان ۾ انهن زنده ليجنڊس کي جيئري مڃتا ڏيڻ جي نه عادت آهي نه ئي ڪا روايت.

Leave A Reply

Your email address will not be published.