مولاجٽ جو نالو استعمال ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ فلم مولا جٽ جو نالو استعمال ڪرڻ خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس اي مالڪ فلم مولا جٽ جي نالو استعمال ڪرڻ خلاف پروڊيوسر سرور ڀٽي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت دخواست تي رجسٽرار جا اعتراض ختم ڪندي درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ورتي.

درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آهي ته سينسر بورڊ وٽ فلم جو ٽائيٽل ڏيڻ جو ڪو به اختيارناهي، سينٽرل پنجاب ۽ سنڌ سينسر بورڊ دي ليجنڊ آف مولا جٽ جي ٽريلر جو سينسر سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، مولاجٽ جو ٽريڊ مارڪ سرٽيفڪيٽ درخواست گذار سرور ڀٽي وٽ آهي، فلم جو ٽريڊ آءِ پي او پهريان ئي رد ٿي چڪو آهي.

درخواست گذار عدالت کان استدعا ڪئي ته عدالت جاري ڪيل سينسر سرٽيفڪيٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو حڪم ڏي

You might also like