ملڪ اندر لاقانونيت ۽ رياست جو ڪردار

عبدالله سروهي

ملڪ اندر بدامني، لاقانونيت، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي لهر ۾ حڪمراني ڪندڙ طبقن جو هٿ رهيو آهي جنهن کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ انهن برائين کي ٻنجو نه ٿو ڏئي سگهجي. اسان جي ملڪ اندر دهشتگردي ڀلي اها مذهبي رنگ ۾ هجي يا لساني لبادي ۾ هجي پر ان ۾ ملوث عنصرن کي وس وارن ڌرين جي مدد رهي آهي جيڪڏهن ائين نه هجي ته گذريل 30 سالن کان ملڪ اندر ٿيندڙ فرقيوار فسادن توڙي لساني بنيادن تي ٿيندڙ وڳوڙن جي ذميدار ڌرين کي اڄ تائين ڇو سخت سزا نه اچي سگهي آهي؟

12 مئي واري سانحي، بلديه فيڪٽري واقعي توڙي نشتر پارڪ ۾ هڪ مذهبي فرقي جي سموري قيادت کي نشانو بڻائي ختم ڪرڻ ۽ اهڙي قسم جي بيشمار واقعن ۾ ملوث ڪنهن به ذميدار کي ڪڏهن به عبرتناڪ سزا ڇو نه ملي سگهي آهي؟ ٻين مهذب ملڪن ۾ دهشتگردي، لاقانونيت، بدامني ۽ قتلام جي ڏوهارين کي پڪڙي قانون ۽ انصاف جي نظام جي ذريعي سخت ترين سزائون ڏنيون وينديون آهن پر هتي اهڙن واقعن جي ذميدارن کي جيلن ۾ قيد رکي ڪجهه ئي وقت کان پوءِ باعزت بري ڪيو ويندو آهي يا وري سندن عمر قيد جي سزا پوري ٿيڻ بعد آزاد ڪيو ويندو آهي. انصاف جي عمل ۾ اهڙي سستي ۽ ڏوهاري کي فائدي ڏيڻ واري عمل ۾ اسان جون عدالتون، حڪومتي ادارا توڙي سيڪيورٽي وارا ادارا برابر جا ذميوار هوندا آهن. پوليس ۽ پراسيڪيوشن جا ذميوار عملدار يا ته رشوت جي ڪري ڪيسن کي ڪمزور ڪندا آهن يا وري ڪنهن جي اشاري تي اهڙا ڪيس تيار ڪندا آهن جنهن سان ڏوهاري ۽ قاتل آزاد ٿي ويندا آهن.  اهڙن واقعن ۾ متاثر ڌر کي تمام گهٽ انصاف مليو آهي.  جيڪي به وڏا واقعا ٿيا آهن جن کي سانحي جو نالو ڏنو ويندو آهي انهن جي ذميوارن بابت پوليس ۽ جاچ ۾ مڪمل ثبوتن جي دعويٰ به ڪئي ويندي آهي پر اهي ڏوهاري طاقتور هجڻ جي ڪري آزاد ٿي ويندا آهن.

12 مئي سانحي کي 12 سال گذري وڃڻ بعد به ان سانحي جي ذميوارن کي سزا ته پري جي ڳالهه آهي پر جن ماڻهن تي انهي سانحي ۾ ملوث هجڻ جا الزام آهن انهن کي آزاديءَ سان چونڊون وڙهي اهم ادارن جا سربراهه، ميئر، قانونساز اسيمبلين جا ميمبر بڻايو ويو آهي ۽ اهي وري ايوانن ۾ ويهي پنهنجي خلاف ڪيسن کي سياسي رنگ ڏئي ماضي ۾ ٿيل سوين ماڻهن جي قتلام جا ڪيس لئه مٽي ڪري ڇڏين ٿا. اهڙي ملڪ جي عدالتي، انتظامي ۽ حڪومتي نظام ۾ انصاف جي حڪمراني جو تصور آخر ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟

پاڪستان جي قيام کان وٺي هن وقت تائين 71 ورهين جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن مظلوم سان انصاف نه ٿيو آهي جيڪڏهن قاتل ڪو انفرادي فرد ۽ پاڻ ڪمزور طبقي سان تعلق رکي ٿو ته انهن کي ڪٿي ڪٿي سزائون اينديون آهن جڏهن ته اڪثر ڪيسن کي سياسي يا مذهبي رنگ ڏئي لوڙهيو وڃي ٿو ۽ متاثر انصاف جي اوسيئڙي ۾ ئي رهجي وڃن ٿا.

ڪجهه سياسي پارٽين کي ڊگهو رسو ڏئي هٿيار ۽ دهشت جي ذريعي مخصوص پارٽين ۽ قوميتن جي مقابلي ۾ بيهاري استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ اهي ڌريون جڏهن رياست جي ڪنٽرول مان نڪري ٻاهرين قوتن جي هٿن ۾ کيڏڻ شروع ڪن ٿيون ته پوءِ انهن کي ملڪ دشمن قرار ڏئي روڪيو وڃي ٿو پر ساڳين ئي جماعتن کي سياسي راند طور اصل ڌرتي ڌڻين جي مقابلي ۾ بيهاري صوبائيت ۽ لسانيت جو نعرو هڻائي هڪٻئي سان ويڙهايو وڃي ٿو ۽ سياست ڪئي وڃي ٿي اهڙي صورتحال ۾ ڪو به ملڪ مضبوط بڻائڻ جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهجي.

سنڌ اندر ايم ڪيو ايم کي لساني بنيادن تي تيار ڪري سنڌ جي اصل ڌرتي ڌڻين سان مقابلي ۾ بيهاري سنڌ جي وحدت کي نقصان پهچائڻ جهڙن غليظ مطالبن جي ذريعي نفرتن کي هوا ڏيڻ ۾ سگهارين ڌرين جي خاموشي ۽ ايم ڪيو ايم کي هر حڪومت ۾ حصو ڏيارڻ ۽ حڪومتن کي بليڪ ميل ڪرڻ واري روايت ملڪ جي استحڪام لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي آهي. الطاف حسين جي ڊرامي بازي ۽ عالمي طاقتن توڙي ڀارت جي هٿن ۾ کيڏڻ بعد ايم ڪيو ايم جي هڪ ڌڙي کي لنڊن گروپ ۽ ٻئي کي پاڪستان گروپ جو نالو ڏئي ساڳي گيم شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وحدت جي خلاف واويلا ڪري پ پ کي ڪائونٽر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو ٻي ڪا متبادل قيادت نه هجڻ جي ڪري مجبوري ۾ پ پ کي ووٽ ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر پ پ جي مقابلي ۾ ڪا به مضبوط سياسي جماعت نه آهي جنهن کي سنڌ جا ماڻهو ووٽ ڏين. اهڙي ريت هڪ پارٽي کي بليڪ ميل ڪرڻ لاءِ سنڌ جي گورنر کي به سنڌ جي خلاف ڳالهرايو ويو آهي جنهن تي سنڌ جي عوام ۾ هڪ تاءُ پکڙجي ويو آهي. پي ٽي آءِ هڪ ناتجربيڪار جماعت آهي جنهن کي لڳي ٿو ته ڪي ٻيون ڌريون ئي هلائي رهيون آهن. پي ٽي آءِ اها جماعت آهي جنهن جو ڪو منشور ئي نه آهي جيڪڏهن ڪو منشور آهي ته يو ٽرن وٺي منشور جا بکيا ئي اڊيڙيا ويا آهن.گورنر هڪ علامتي عهدو آهي جنهن کي سياسي بيان ڏيڻ جو ڪو حق نه آهي جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي پارٽي پاليسي تحت سنڌ کي ٽوڙڻ جو ڪو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته ان جو  باضابطه اعلان عمران خان يا پارٽي جي قيادت کي ڪرڻ گهرجي باقي گورنر کان سنڌ جي ورهاڱي بابت بيان ڏيارڻ سياسي نابالغي جو ثبوت آهي.

وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي حڪومت وچ ۾ جاري اختلافن جي ڪري سنڌ جي خلاف ٿيندڙ واويلا وفاق پاڪستان ۽ ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي ڇاڪاڻ ته هڪ طرف بلوچستان ۾حالتون خراب آهن ته ٻي پاسي سنڌ اندر مايوسي کي پکيڙي عوام کي بدظن ڪيو پيو وڃي. اهڙي پاليسي جو فائدو ملڪ دشمنن کي ئي ٿيندو.

You might also like