لطيف يونيورسٽي جو مالي بحران سنگين، حڪومت نوٽيس نه ورتو

سکر (رپورٽ ابوذر غفاري )شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مالي بحران جو شڪار ،حڪومت نوٽيس نه ورتو ،شاهه عبدالطيف يونيورسٽي اتر سنڌ جي ٽئين نمبر تي وڏي جنرل يونيورسٽي آهي جنهن ۾ پورهيتن  ۽ لوئر مڊل ڪلاس جا ٻار تعليم پرائي رهيا آهن 2013ع کان حڪومت  جيڪي پگهارون وڌايون انهن جو ڊفرنس شاهه عبدالطيف يونيورسٽي کي   2019 ع تائين به ملي سگهيو نه سنڌ گورنمينٽ ڏنو نه وفاقي سرڪار ڪا مدد ڪئي،  يونيورسٽي جو خسارو 400 ملين تي وڃي پهتو ان جو نتيجو اهيو آهي جو ملازمن جي پگهار ، پينشن ، فيول ، ٽرانسپورٽ يوٽيليٽي بلز ادا ڪرڻ جي سگهه ناهي رهي، ذريعن کان اهو به معلوم ٿيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت کي مسلسل خط لکيا ويا پر انهن اتر سنڌ جي ٽئين نمبر تي وڏي جنرل يونيورسٽي کي نظر انداز ڪيو آهي جڏهن ته پڪن ملازمن جون پگهارون، ۽ ٻيا ماهوار خرچ ساڍا يارنهن ڪروڙ آهي جڏهن ته گورنمنٽ طرفان يونيورسٽي کي ڇهه ڪروڙ ملي رهيا آهن جيڪا وڏي حيران ڪن ڳالهه  آهي جنهن تي سنڌ حڪومت ۽ وفاق کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ۽ جلد اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي ، يونيورسٽي پنهنجي آمدني مان پڪن ملازمن کي ڏيڍ ڪروڙ پگهار سميت ڏئي رهي آهي جتي چاليهه  ملين رپيا گهربل آهن ،شاهه عبدلطيف يونيورسٽي هن وقت لڳ ڀڳ چار سئو ملين جي خساري ۾ سڀني يونيورسٽين کان پوئتي پيل آهي ۽ سنڌ جي ٻين جنرل يونيورسٽيز کان شاگردن توڙي شاگردياڻين جو تعداد لڳ ڀڳ سورنهن هزار آهي ،ساڃاهه وندن جو  چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت توڙي وفاق فوري طور ان سنجيده معاملي کي ڏسي ڪري شاه عبدلطيف يونيورسٽي کي خساري مان ڪڍي ڪري استادن توڙي شاگردن مان مايوسي ختم ڪن.

You might also like