رپورٽ: لکي غلام شاهه: نينگريءِ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: لکي غلام شاهه: نينگريءِ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: لکي غلام شاهه: نينگريءِ سان زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو

لکي غلام شاهه ويجهو نينگريءِ سان گهراندر زيادتي ڪندڙ جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.

زيادتي جو شڪار ٿيل نينگري ڀاءُ بشير بروهي ۽ امڙ ساب گڏجي دانهيندي ٻڌايو ته پوليس سهڪار ڪرڻ لاء تيار نه آهي، هو ٿاڻي جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن.

هنن چيو ته ڳوٺ جو چڱو مڙس لياقت بروهي مسجد ۾ اعلان ڪيو آهي ته سندن ڪو مدد نه ڪري، جڏهن ته کين ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.

زيادتي جو شڪار ٿيل نينگريءَ ۽ وارثن اپيل ڪئي ته جوابدارن کي گرفتار ڪري کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي…………………