رپورٽ:لاکاروڊ: ڀيلن جي گهرن کي بجلي جي تارن مان باھه، الهه تلهه سڙي رک

عوامي آواز رپورٽ
لاکاروڊ: ڀيلن جي گهرن کي بجلي جي تارن مان باھه، الهه تلهه سڙي رک
عوامي آواز رپورٽ لاکاروڊ: ڀيلن جي گهرن کي بجلي جي تارن مان باھه، الهه تلهه سڙي رک

*لاکا روڊ ويجهو ڳوٺ ملڪ حيات ۾ ڀيلن جي گهرن کي بجلي جي تان مان  باھ  وڪوڙي وئي جنهن سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو .

ڏيڏيو ڀيل ۽ ان جي گهرواري عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو اسان جو الھ تلھ سڙي رک  ٿي ويو آهي

هنن ٻڌايو ته ڪپڙا ، ويهه مڻ ڪڻڪ ،  سلائي واري مشين، سولر پليٽ،  هڪ ڪلو چاندي  ۽ نياڻي جو ڏاج سڙي ويو .

 متاثر ڪٽنب کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي سندن ڪنهن به واهر نه ڪئي آهي هنن سرڪار ۽ سرندي وارن توڙي ڊي سي نوشهروفيرو ۽ ضلعي چيئرمين کي اپيل  ڪئي آهي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ……………..

******

You might also like