سنڌ ۾ معياري تعليم اڃا تائين خواب بڻيل!

يوسف جميل لغاري

سنڌ، جنهن جو ماضي انتهائي شاندار رهيو آهي. نه رڳو تعليم جي حوالي سان پر تهذيب، مهمانوازي، تخليقي توڙي فني حوالي سان به سند جي ڳڻپ دنيا جي سُڌريل ملڪن ۾ ڪئي ويندي هئي. اڄ اُنهي ساڳي سنڌ ۾ هڪ نه پر هزارين مسئلن ڪرُ کنيو آهي جن ۾ سڀ کان اهم ۽ سنجيده مسئلو هن وقت معياري تعليم جو آهي جيڪو پوري صوبي ۾ اڻ لڀ آهي.

انهي ڏس ۾ ڪجھه ادارا نالي چڙهيا آهن جن بابت اهو مشهور آهي ته اُهي معياري تعليم فراهم ڪري رهيا آهن پر جڏهن انهن ادارن جي اندروني صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته اُتي به ڪافي معاملا مونجهاري جو شڪار نظر اچن ٿا ۽ ساڳي ريت معياري تعليم جو خواب رڳو خيال تائين ئي محدود ٿي وڃي ٿو. هڪ طرف اِهو مسئلو آهي ته حڪومت سنڌ وٽ تعليم جي حوالي سان ڪا به اڳڀرائي يا سنجيدگي ڏسڻ وٽان نظر نه ٿي اچي ته ٻي طرف اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جو تعليم طرف رهجان گهٽ ۽ لاتعلقي وارو رويو به ڪنهن حد تائين دل ڏکائيندڙ آهي.

دنيا ۾ اڄ تائين جن به ملڪن ترقي ڪئي آهي انهن پنهنجي ٻن شعبن ۾ نواڻ آڻڻ سان گڏ انهن شعبن کي گهڻي ۾ گهڻي هٿي ڏني آهي جنهن جي ڪري انهن جي ملڪ جو نالو روشن ٿيو آهي ۽ اُهي جديد دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري هلڻ جا قابل ٿيا آهن. هڪ تعليم جو شعبو ۽ ٻيو جديد ٽيڪنالاجي جو شعبو. اهي ٻئي شعبا جيترو ايڊوانس ۽ اپڊيٽ هوندا ترقي اوتري ئي تيز رفتار سان ٿيندي. بد قسمتي سان سنڌ جي تعليمي ادارن جو اِهو حال آهي جو هن وقت تائين اسان جا تعليمي ادارا ڪوبه اهڙو فرد تيار نه ڪري سگهيا آهن جيڪو عالمي ليول جي ڄاڻ رکندڙ هجي. جنهن وٽ دنيا کي بدلائڻ جو ڪو نئون نظريو هجي. جنهن وٽ ڪنهن مخصوص شعبي ۾ اهڙي ڪا ڄاڻ هجي جنهن جي بنياد تي کيس نوبل انعام ملي سگهي.اسان وٽ ايم فل کان وٺي پي ايڇ ڊي تائين جيڪي به تحقيقون ٿين ٿيون انهن ۾ گهڻائي انهن تحقيقن جي هجن ٿي جيڪي ڪنهن ٻي هنڌان نقل ڪيل هجن ٿيون. ٿوري گهٽ وڌائي ڪري يا صفحن کي اڳتي پوئتي ڪري مختلف تحقيقن مان ٽڪرا جوڙي ڪري اسان وٽ کوڙ سان محقق ڊاڪٽر بڻجي ويا.

هي به پڙهي سگھو ٿا: اچو ته سنڌ جي نياڻين جي حوصلا افزائي ڪريون

اتفاق سان جيڪڏهن ڪنهن شاگرد يا ايم فل اسڪالر وٽ ڪو نئون ۽ جديد خيال يا تصور هجي ٿو ۽ ھُو پنهنجي سوچ سان انهي کي پنهنجي تحقيق ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي وري اسان جا ادارا قطعي به قبول ڪونه ڪندا آهن يا وري مورڳهو سندس تحقيق کي اهڙن مونجهارن ۾ مبتلا ڪري وچڙائي ڇڏيندا آهن جو اُهو ماڻهو ڊگري تان ئي هٿ کڻي ويندو آهي. اسان جي تعليم کاتي ۾ اِهو صدين کان الميو رهيو آهي ته اسان وٽ رواجي ۽ صدين کان هلندڙ تعليم واري نظام کي اوليت حاصل رهي آهي. اسان وٽ اڄ به تعليم کاتي جو قلمبندان ان کي ڏنو ويندو آهي جيڪو مڪمل طرح سان گريجوئيٽ به ڪونه هوندو آهي. تعليم کاتي ۾ اهل ماڻهن جي انهي فقدان جيتري قدر اسان کي نقصان ڏنو آهي انهي کان وڌيڪ نقصان جو انديشو ايندڙ نسل لاءِ پڻ آهي. هڪ نئين تحقيق مطابق سنڌ ۾ هن وقت ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن. جن کي جيڪڏهن حڪومت اسڪول ۾ پهچائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي به جوڙي تڏهن به انهن کي اسڪول ۾ پهچائڻ لاءِ ڏھن سالن جو ڊگهو وقت گھربل هوندو. انهن ايندڙ ڏهن سالن ۾ ڪجھ اهڙا ٻار به هوندا جيڪي ايندڙ ڏهن سالن تائين بلوغت واري عمر کي وڃي پهچندا ۽ انهن کان بنيادي تعليم واري عمر هٿن مان کسڪي ويندو.

هاڻ ايندڙ ڏهن سالن کان پوءِ سنڌ ۾ بنيادي تعليم کان محروم ايتري وڏي انگ جي ماڻهن لاءِ حڪومت ڪهڙو قدم کڻندي؟

انهن کي ڪهڙي طريقي سان روزگار جا وسيلا فراهم ڪندي؟

هن جديد دور ۾ جتي اعليٰ تعليم يافته، تربيت يافته توڙي فني ۽ تخليقي مهارتن سان سرشار نوجوان روزگار جي حصول لاءِ حيران ۽ پريشان آهن ته سوچيو ايندڙ ڏهن سالن تائين حالتون ڪيتري قدر سخت ۽ مشڪل ٿي وينديون. انهن مشڪل حالتن ۾ هڪ اڻ پڙهيل ماڻهو جي ڪهڙي ذاتي حيثيت وڃي باقي بچندي، انهي جو سماجي توڙي معاشرتي ڪاروهنوار ڪئين هلي سگهندو. ڇا اهو زندگي بصر ڪرڻ جي سَٽ پاڻ ۾ سهي سگهندو يا خودڪشي وارو رستو اختيار ڪري پنهنجو انت آڻيندو. هن وقت ادارن جي پست حالي ۽ تباھ ڪن حالتن مان اسان پنهنجي قوم جي ترقي جو دارو مدار يا اندازو ڪهڙي ريت لڳائي سگهون ٿا. هڪ طرف سڀئي تعليمي ادارا ڪرپشن جي وڪڙ ۾ آهن ته ٻي طرف معياري تعليم جي فراهمي جي حوالي سان به ڪا اڳڀرائي نظر نه ٿي اچي. اهڙي صورتحال ۾ قوم جو اڳتي اچڻ مشڪل نه پر مهال ٿو لڳي.

سُڌريل ملڪن ۾ بنيادي تعليم جي فروخت تي گهڻو زور ڏنو وڃي ٿو ۽ اِها ذميواري رياست تي پڻ عائد ٿئي ته هو هر شهري کي بنيادي معياري تعليم مفت فراهم ڪري ته جئين معاشري جو هر فرد ملڪ جي ترقي، فلاح ۽ بهبود لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگهي.

هي به پڙهي سگھو ٿا: امير سنڌ جا غريب ماڻهو

اسان وٽ جڏهن کان تعليم جي شعبي ۾ سياسي مداخلت شروع ٿي آهي تڏهن کان قابل ۽ اهل ماڻهو نه صرف ڌُڪاريا ويا آهن پر اُهي مجبور ٿي ڪنارا ڪشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور آهن. جنهن سبب جديد نصاب به تيار نه ٿو ٿئي ۽ وري جيڪو نصاب تيار ڪيو وڃي ٿو اهو لاڀائتو ثابت نه ٿو ٿئي. نصاب ۾ انيڪ ڪوتاهيون جئين جو تئين رهجي وڃن ٿيون. حالانڪ ٿيڻ ائين گهرجي ته جديد دنيا جي گهرجن مطابق نصاب کي هر سال تيار ڪيو وڃي ۽ انهي ۾ نت نون تبديلن ۽ تخليقن جو ذڪر ڪيو وڃي ته علم حاصل ڪندڙ ٻار کي دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين جي وقت سر ڄاڻ ملي سگهي. نصاب جي فرصوده ۽ رواجي هجڻ سبب شاگردن ۾ تخليقي صلاحيتون اُجاگر نه ٿيون ٿين ۽ ڪا به نواڻ برپا نه ٿي ٿئي. سرڪاري تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ نجي يا خانگي تعليمي ادارا جيڪي هن وقت هلي رهيا آهن انهن ۾ به تعليم کي هڪ واپار بڻايو ويو آهي.

هر سال شاگردن جي فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافا ڪرڻ ۽ امتحانن توڙي هفتيوار ٽيسٽن جي مد ۾ شاگردن کان پيسا ڦريا ويندا آهن. نجي تعليمي ادارن ۾ به هن وقت معياري تعليم جي فراهمي به مڪمل طور تي بند آهي. تعليم کاتي ۾ ڪامورا شاهي، سياسي مداخلت ۽ پنهنجا پروري واري روايت اسان جي ايندڙ نسلن کي تعليم جهيڙي زيور کان محروم رکندي نظر اچي رهي آهي. تعليم کاتي جو اِهو حال آهي جو هر نئي ڏينهن تعليم جي اهم وزارت هڪ نئي نمائيندي جي حوالي ڪئي وڃي ٿي جيڪو پنهنجي مرضي ۽ منشا مطابق سڄي نظام کي پاڻ وٽ يرغمال ڪري سڪونيت اختيار ڪندو آهي. سڄو سارو تعليمي ڍانچو تعليمي پاليسي تي دارومدار رکي ٿو پر افسوس ته هي سال اجهو مڪمل ٿيڻ تي آهي ان جي باوجود هن مهل تائين تعليمي پاليسي واضع نه ڪئي وئي آهي. حڪومت سنڌ جن نوجوانن کي ڀرتي ڪري ٿي اڳتي هلي انهن ئي نوجوانن تي ڪراچي جي روڊن تي بدترين تشدد به ڪرائي ٿي. استاد جهڙي عظيم پيشي جي تذليل تي پوري قوم ٺٺوليون ڪرڻ ۾ مصروف عمل ٿي وڃي ٿي. گذريل مهيني کان هيڊ ماسترن جي ريگيولر ٿيڻ جو جيڪو معاملو هلي پيو انهي تي به تعليم کاتي حڪومت سنڌ غير سنجيده نظر اچي ٿو.

گذريل سال آڪٽوبر ۾ نون استادن کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ٽيسٽ ورتي وئي هئي ۽ سال گذرڻ جي باجود به هن وقت تائين ٽيسٽ پاس اميدوارن کي ڪافي ضلعن ۾ جهڙوڪ خيرپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو آفر آڊر نه ملي سگهيا آهن. احتجاجن ڪرڻ جي باوجود به حڪومت سنڌ انهي معاملي تان ڪن لاٽار ڪيون ويٺي آهي. سنڌ حڪومت جي انهي غيرمنصفاڻا رويي کي مد نظر رکندي اهو چئي سگهجي ٿو ته ايندڙ هڪ صدي تائين سنڌ ۾ معياري تعليم جو حصول خواب ئي بڻيل رهندو. انهي خواب کي گهٽ ۾ گهٽ هن صدي ۾ ساڀيان ڪونه ملڻي آهي. ڇو ته حڪومت خود تعليم جي سڌاري ۾ سنجيده نظر نه ٿي اچي ۽ هن قوم جي قسمت تي مانڌئيڙو ڦيرڻ ئي اصل ۾ انهن جو ڪم آهي جيڪو هو پنهنجي ايمانداري سان ڪري رهيا آهن.


You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.