ليڊي هيلٿ وڪرن کي روڊن تي اچي احتجاج ڪرڻ تي ڇو ٿو مجبور ڪيو وڃي

عتيق ملاح

پاڪستان ۾ فيملي پلاننگ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ پوليو جهڙي مرض خلاف ڏينهن رات جدوجهد ڪندڙ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي اڄ مون حيدرآباد ۾ قومي شاهراهه تي سخت گرمي ۾ سڄو ڏينهن ڌرڻو هڻي احتجاج ڪندي ڏٺو، عام طور تي اسان سدائين ليڊي هيلٿ ورڪرن کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪندي روڊن تي ڏٺو آهي، صحت کاتي توڙي ضلعي انتظاميا جي ڪامورن پاران سندن مطالبا مڃڻ جا دلاسا به ڏنا ويندا آهن، پر اهي دلاسا صرف ليڊي هيلٿ ورڪرن جي احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڏنا ويندا آهن، ليڊي هيلٿ ورڪر پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارڙن ۾ وچڻندڙ بيمارين خلاف هلندڙ مختلف مهمن ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن، پر پوليو جهڙي خطرناڪ وائرس خلاف به اهي ئي ليڊي هيلٿ ورڪر آهن جيڪي ماڻهن جي درن تي وڃي سندن ٻاڙرن کي پوليو کان محفوظ بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪنديون آهن، پر بدقسمتي سان هو جنهن قسم جي جستجو ۽ محنت ڪنديون آهن ان جي بدلي ۾ کين نه مڃتا ملي ٿي نه ئي ان جو ڪو خاص اجورو ملي ٿو، هي ليڊي هيلٿ ورڪر ته سالن تائين کين ملازمت تي پڪو نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪنديون رهيون، 6 کان 8 مهينن تائين کين پگهار نه ملندي هئي، سون جي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن پنهنجي سڄي ڄمار ان فيلڊ جي حوالي ڪئي پر جڏهن هو رٽائرڊ ٿيون ته کين نه رٽائرڊ مينٽ جو معاوضو مليو نه ئي پينشن ملي، هاڻ اهي ليڊي هيلٿ ورڪر عمر جي آخري حصي ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ پورهيو ڪرڻ تي مجبور آهن، ليڊي هيلٿ ورڪرن جو پروگرام شهيد محترمه بينظير ڀٽو شروع ڪرايو هو، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي رکيو ويو هو، سندن ٽريننگ ڪرائي کين پنهنجن علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.  

هي به پڙهي سگھو ٿا: ٿر جا اسڪول اوطاقون بڻجي ويا

اڄ حيدرآباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو احتجاج سندن صوبائي آفيس کسجڻ تي ڪمنشر حيدرآباد ۽ سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر خلاف هو، ليڊي هيلٿ ورڪرن جو اهو الزام آهي ته ڪمشنر حيدرآباد ۽ سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر هڪ سازش تحت صحت کاتي پاران ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مليل صوبائي آفيس خالي ڪرائڻ چاهي ٿو، ڇا اسان جو اهو حق ناهي ته اسان سڄي سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرن جي لاءِ هڪ آفيس قائم ڪري سگهون، سڄي ڄمار صحت کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، 1992 کان وٺي اسان پنهنجن حقن جي حاصلات جدوجهد ڪئي آهي ۽ سدائين ماڻهن اسان کي احتجاج ڪندي روڊن تي ڏٺو آهي پر تنهن هوندي به اسان ڪڏهن پنهنجن فرضن ۾ ڪوتاهي ناهي ڪئي، هر مهم توڙي ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي حوالي سان ڪم ڪيو آهي، اهو اسان جي جدوجهد جو ئي نتيجو هو ته صحت کاتي جي سيڪريٽري فضل الله پيچوهو سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام کي سي جي اسپتال (گدواسپتال) حيدرآباد ڀرسان هڪ بنگلو 2018 ۾ سرڪاري طور الاٽ ڪري ڏنو هو، جنهن ۾ پروگرام جي صوبائي آفيس قائم ڪئي وئي هئي، ڄاڻايل عمارت ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي صوبائي آفيس قائم ٿي ۽ ان ۾ پروگرام جي وڌيڪ بهتر نموني جاري رکڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو ويو، پر سنڌ حڪومت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي حڪمن جي لتاڙ ڪندي هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام سنڌ جي پروگرام مينيجر کي سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي اضافي چارچ ڏئي نوازي ڇڏيو، جنهن ڪمشنر حيدرآباد سان گڏجي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شروع ڪيل پروگرام کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي آفيس کي ختم ڪري هڪ منپسند ماڻهو کي الاٽ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، جنهن تحت کين زباني چئي آفيس خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن.

هي به پڙهي سگھو ٿا:  پلاسٽڪ جي ٿيلهين تي پابندي جو فيصلو، اچو ته مهم کي ڪامياب…

اها ڳالهه پڻ غور طلب آهي ته ان عمارت جي الاٽ ٿيڻ کان اڳ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جي آفيس لاءِ هر مهيني ڪرائي جي مد ۾ سرڪاري خزاني مان لکين روپيا ساليانو جاري ڪيا ويندا هئا، عمارت ملڻ کانپوءِ اها رقم به بچي رهي آهي، ان کان اڳ آفيس ڪرائي تي هجڻ سبب ليڊي هيلٿ ورڪرز جي سموري سروس جو رڪارڊ پڻ گم ٿيڻ جو خدشو رهندو هو، ائين ٿيندو به رهيو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪر پنهنجي سروس جو رڪارڊ گم ٿيڻ جون دانهون به ڪنديون رهنديون هيون، ساڳئي بلڊنگ ۾ اينٽي نارڪو ٽيڪس ۽ ڪاليج آف سرجن ۽ فزيشن جون آفيس به قائم ٿيل آهن، پر خبر ناهي اهي ڪهڙا سبب آهن جو هاڻ ليڊي هيلٿ ورڪرن جي آفيس کي خالي ڪرائڻ تي ڇو پيو زور ڏنو وڃي.

ليڊي هيلٿ ورڪرن احتجاج دوران سڄي سروس ۾ پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ ڪيل جدوجهد بابت ٻڌائيندي چيو ته هو صحت کاتي جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪندي اسلام آباد کان ڪراچي تائين پوليس تشدد برداشت ڪيو آهي، جيل ڪاٽيا آهن، پر پنهنجي حقن تان ڪڏهن به هٿ نه کنيو آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرن مٿان اهلڪارن جون لٺيون وسندي سڄي ملڪ سميت سنڌ جي ماڻهن ڏٺيون آهن، نٽهڻ اُس ۾ تتل روڊن تي ويهي احتجاج ڪندڙ هي ليڊي هيلٿ ورڪر پنهنجو احتجاج ختم ڪرڻ بعد وري پنهنجن فرضن جي ادائيگي لاءِ ماڻهن جي گهرن جا در کڙڪائينديون آهن، عورتن سان ملنديون آهن، ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارينديون آهن.

ليڊي هيلٿ ورڪرن جو چوڻ آهي ته سندن جدوجهد کي ڏسندي جيڪي ماڻهو سندن آفيس کسڻ جي سازش ڪري رهيا آهن اهي ياد رکن ليڊي هيلٿ ورڪر ڪڏهن به کين مليل آفيس خالي نه ڪنديون ۽ هر صورت ۾ پنهنجي آفيس کي بچائينديون.

ليڊي هيلٿ ورڪرن اهو پڻ چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن سندن آفيس خالي ڪرائڻ وارا حڪم واپس نه ورتا ويا ته سومر ڏهاڙي سڄي سنڌ جون ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪراچي جون رخ ڪنديون ۽ وزير اعليٰ هائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.