ڪي پي حڪومت صوبي ۾ گهرن جي اڏاوتي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه حڪومت پشاور، هنگو ۽ سوات ضلعن ۾ گھرن جي اڏاوت واري منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان صوبي ۾ گھرن جي اڏاوتي اسڪيم جي منظوري ڏني.

ان سلسلي ۾ وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ محمود خان جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

اڏاوتي اسڪيم تحت پشاور ۾ 20 هزار گھر تعمير ڪيا ويندا، جڏهن ته ضلعي هنگو ۾ 9 هزار ۽ سوات ضلعي ۾ 3 هزار گھر تعمير ڪيا ويندا.

ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان اسڪيم جي منظوري ڏيندي چيو ته اهو منصوبو وزيراعظم جي عوام لاءِ همدردري ۽ ان جي وزن جو عڪاس آهي.

هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته اسڪيم جي سلسلي ۾ مفاهمتي يادداشت ۽ ان جي فزيبلٽي رپورٽ 20 ڏينهن اندر مڪمل ڪئي وڃي.

ڪي پي جي وڏي وزير لاڳاپيل کاتن کان 10 ڏينهن ۾ سوات ۽ هنگو جي اسڪيمن جو به حتمي پروپوزل طلب ڪري ورتو.

ان کان پوءِ محمود خان ڪوهاٽ ۾ هائوسنگ اسڪيم بابت به رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

You might also like