رپورٽ: ڪوٽڏيجي: ڳوٺاڻن پاران سم نالي مٿان قبضن ۽ اڏاوتن خلاف احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪوٽڏيجي: ڳوٺاڻن پاران سم نالي مٿان قبضن ۽ اڏاوتن خلاف احتجاج
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪوٽڏيجي: ڳوٺاڻن پاران سم نالي مٿان قبضن ۽ اڏاوتن خلاف احتجاج

 

ڪوٽڏيجي ۾ ڳوٺاڻن پاران قديمي سم نالي مٿان غيرقانوني اڏاوتن ۽ قبضن خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن جو محڪم الدين، علي اڪبر، نور محمد، نصراللھ، اعجاز راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺري ننگرجا روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو.

ان موقعي تي ڳالھايندي اڳواڻن چيو ته ڳوٺ شھبيگ راڄپر وٽان گذرندڙ قديم سم نالي مٿان بااثرن پاران اسڪارپ کاتي جي ڪامورن جي ملي ڀڳت سان قبضا ڪري اڏاوتون قائم ڪيون آھن.

هنن چيو ته سم نالو بند ھجڻ ڪري خطرناڪ ٻوڏ اچي رھي آھي، جنهن بابت اطلاع باوجود لاڳاپيل عملدارن جي ڪن تي جونءَ به نه چري پئي.

اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته اگر فوري طورتي سم نالي مٿان غير قانوني بااثرن جا  قبضا ختم نه ڪرايا ويا ته اسڪارپ کاتي خيرپور جي آفيس اڳيان ڌرڻو ھنيون ويندو…………………..

 

 

You might also like