رپورٽ: ڪوٽڏيجي: ميرواهه ڪئنال ۾ ٻڏي ويل نينگري جو لاش نه آيو، وارث پريشان

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ٽنڊو جان محمد: سانگي ڦرهو جي عورت مڙس جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پهتي

 

 

ڪوٽڏيجي ڀرسان مير واهه ڪئنال ۾ ٻڏي فوت ٿيل نينگري فرزانا مڱڻهار جو لاش 10 ڏينهن گذرڻ باوجود به هٿ نه آيو، ڪراچي مان آيل ٽوٻن جي ٽيمن پاران لاش جي ڳولا هلندڙ آهي.

ڳوٺ عزت ماڇي ۾ ميرواهه ڪئنال ۾ پير ترڪڻ ڪري ٻڏي فوت ٿيل نينگري جو لاش اڃا تائين هٿ نه اچڻ ڪري گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي.

ايم اين اي نفيسا شاهه جي نوٽيس تي ڪراچي مان آيل ٽوٻن جي ٽيم پاران فش فائيڊر مشين ذريعي 20 ڪلو ميٽرن تائين ڪئنال ۾ لاش جي ڳولا ڪئي.

اسپيشل ٽيم جي ٽوٻن جو چوڻ آهي ته گذريل 36 ڪلاڪن دوران ڪئنال ۾ ڳولا ڪرڻ باوجود نينگري جو لاش هٿ ناهي آيو، جڏهن ته وڌيڪ ڳولا ڪئي پئي وڃي

 

 

You might also like