رپورٽ:ڪوٽڏيجي: 5 سال اڳ اغوا ٿيل مغوي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڏيجي: 5 سال اڳ اغوا ٿيل مغوي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ڪوٽڏيجي: 5 سال اڳ اغوا ٿيل مغوي جي بازيابيءَ لاءِ وارثن جو احتجاج

*ڪوٽڏيجي  ويجهو  5 سال اڳ اغوا ٿي ويل رياض سوهو مٿان تشدد واري وڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ خيرپور پوليس مغوي جي بازيابيءَ لاءِ ڪوبه تحرڪ نه وٺڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

يرعمالي جي وارثن ۽ مائٽن محمد سچل سوهو، خميسو، نصير احمد سوهو، مغوي رياض جي پيرسن امڙ مسمات قمرالنساءِ سوهو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو .

 هنن ٻڌايو ته 5 سال اڳ رياض کي ڌاڙيلن پاران اغوا ڪيو ويو، پوليس ڪيترو ئي وقت کيس بازياب ڪرائڻ جا آسرا ڏيندي رهي بعد ۾ پوليس چيو ته رياض کي قتل ڪيو ويو آهي،

 هنن چيو ته 5 سال گذرڻ کان پوءِ ڌاڙيلن پاران رياض مٿان سخت تشدد ڪرڻ واري وڊيو ڇڏي وئي آهي جنهن مان ثابت ٿيو آهي ته رياض زنده آهي ۽ اڃان تائين ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهي.

هنن چيو ته رياض مٿان تشدد واري وڊيو منظرعام تي اچڻ کان پوءِ مسلسل احتجاج ڪرڻ سان گڏ ڪيترائي ڀيرا ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل سان ملاقاتون ڪيون آهن جنهن ۾ ايس ايس پي پاران رياض کي بازياب ڪرائڻ جي خاطري ته ڪرائي وئي آهي پر عملي طور تي ڪي به قدم ناهن کنيا ويا

 هنن سنڌهاءِ ڪورٽ جي چيف جستس کي اپيل ڪئي  ته مامري جو نوٽيس وٺي سندن نوجوان کي بازياب ڪرائڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن ……………..

You might also like