رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ٻنيءَ تي بيٺل معزز شخص تي شرپسندن جو حملو، انصاف جي گهر

عوامي آواز رپورٽ
ڪوٽڏيجي: ٻنيءَ تي بيٺل معزز شخص تي شرپسندن جو حملو، انصاف جي گهر
عوامي آواز رپورٽ ڪوٽڏيجي: ٻنيءَ تي بيٺل معزز شخص تي شرپسندن جو حملو، انصاف جي گهر

ڪوٽڏيجي ويجهو  ڳوٺ ڪناسرا ۾ پنهنجي  زمين تي بيٺل معزز شخصيت مٿان شرپسندن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي خلاف معزز شخص انصاف لاءِ پريس ڪلب پهتو.

ڳوٺ ڪناسرا جي رھواسي معزز شخصيت کبڙ پنھيار عوامي آواز آفيس ۾ احتجاج ڪندي عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته هو ڳوٺ ۾ پنهنجي زمين بيٺل هو ته  عابد مھراڻي ۽  مورا مھراڻي  وارن مٿس حملو ڪيو.

هن چيو ته شرپسندن  لٺيون ۽ سروٽا هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو.

متاثر چيو ته  هو غريب شريف ماڻهو آهن، حملو ڪندڙن کي   هڪ بااثر جي پٺڀرائي حاصل آهي.

هن چيو ته بااثر سان سندن زمين جو مسئلو هلندڙ آهي، هو ڏاڍ ڪري سندس زمين تي قبضو ڪرڻ چاھن ٿا.

 ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي ساڻس انصاف ڪيو وڃي……………..

********

You might also like