اڄُ جي دور جو راجا

حفيظ چانڊيو

توڙي جو سندس جنم هڪ روايتي خاندان ۾ ٿيو، پر هن پنهنجو پاڻ کي علم ادب سان اهڙو ته سلهاڙي ڇڏيو، هن شعور سنڀاليندي ئي خاندان جون اهي سموريون ريتون رسمون ۽ رواج ٽوڙي ڇڏيا، جيڪي رسمون صدين کان مروج هيون. اڄُ هو پنهنجي ذات ۾ چانڊيو هجڻ باوجود هڪ لبرل ۽ پڙهيو لکيو ماڻهو آهي، کيس ڏسڻ سان ائين لڳندو ڄڻ سندس جنم موهين جي دڙي جي چيڪيءَ مٽيءَ مان ٿيو هجي. خبر ناهي ته سندس والد هن جي نالي اڳيان “راجا” جو اضافو ڇو ڪيو، ممڪن آهي سندس اولاد ۾ هي پهريٽو پُٽ هجي،غريب گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ راجا عبدالڪريم پهريٽو پُٽ هجڻ سبب شهزادن جيئن پليو ۽ نپنيو. سندس پرورش ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي نه ڪئي وئي. سندس والد محنت، مزوري ڪري سندس انگلن کي اکين تي رکي پورو ڪيو.

04 اپريل 1983ع تي وڳڻ شهر ۾ جنم وٺندڙ راجا عبدالڪريم چانڊئي پنهنجي پرائمري تعليم روايتي انداز ۾ گوزيني ميموريل اسڪول حيدرآباد مان پرائي، ميٽرڪ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي سي ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪئي.سندس والد “ڀائو” بشير چانڊيو، پهرين ڏينهن کان ڪاوش گروپ سان سلهاڙيل رهيو، ائين کڻي چئجي ته سندس والد ڪاوش گروپ جي بنياد وجهندڙ ٽيم مان آهي. 

سندس والد شروع ۾ ڪاوش اخبار جي سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ هاڪري به ڪئي، در در وڃي اخبارون وڪرو ڪرڻ کي ڪو عيب نه سمجهيو. راجا عبدالڪريم پنهنجي پيءُ جي نقشِ قدم تي هلندي شعور سنڀالڻ کان وٺي اڄُ ڏينهن تائين ڪاوش گروپ سان سلهاڙيل آهي، سندس فرضن ۾ ڪاوش گروپ جي سرڪيوليشن آهي. هو اڌ رات جو ننڍون ڦٽائي، سرڪيوليشن وڌائڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوشان آهي. هن ڪراچي، حيدرآباد ، سکر جي پريسن تي اوجاڳا ڪري راتين جون راتيون ويهي ڪاٽيون به آهن ته ڏکين 

حالتن ۾ ڏينهن جا ڏينهن بُکون به ڪاٽيون آهن پر پوءِ به سندس حوصلا بلند آهن.راجا عبدالڪريم ڪڏهن به محنت، مزوريءَ ۾ ڪو عيب ناهي سمجهيو، هن ڏينهن تتي جو مٿي تي تغاريون به کنيون آهن ته هاڙ جي مند ۾ اخبارن جي هاڪري به ڪئي آهي. هو مسيحائي روپ ۾ هڪ اهڙو مسيحا آهي، جيڪو غريب ماڻهن جو نه رڳو دل ۾ درد رکندڙ شخص آهي، پر غريب ماڻهن جي مالي سهائتا پڻ ڪندو رهي ٿو.هو پنهنجي وجود ۾ اهو ايڌي آهي، جيڪو بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي ڪيترن ئي غريبن جي چُلهي ٻرڻ جو سبب بڻيل آهي. هو غريب ماڻهن جي اولاد کي اسڪولن ۾ پڙهائڻ يا پڙهڻ لاءِ سندن سمورو خرچ پاڻ مٿان برداشت ڪندو اچي ٿو. اسڪول بيگ کان ويندي ، ڊريسون ۽ اسڪول جون ٽيوشن فيون ڀرڻ سندس فرضن ۾ شامل آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن ٻار کي اهو احساس ناهي ڏياريو ته سندس فيس يا ٻيو خرچ هو پاڻ ڀري ٿو.ههڙي سماج اندر راجا عبدالڪريم جهڙا سماجي انداز وارا ماڻهو ڪنهن مسيحا کان گهٽ ناهن، ڇاڪاڻ جتي رت جا رشتا هڪ ٻئي جا ويري هجن، رت دانگيءَ تي ورڻ ڇڏي وڃي، اهڙي سماج ۾ سندس جنم ڪِني پاڻيءَ ۾ ڪنول جيئن آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.