ڪراچي ۾ اغوائن ۾ ملوث 5 رڪني گروهه گرفتار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ اينٽي وائلنٽ ڪرائم سيل (اي وي سي سي) ڪارروائي ڪندي اغوائن ۾ ملوث 5 رڪني گروهه کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪراچي ۾ اي وي سي سي ڪامياب ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن ۾ اغوائن ۾ ملوث 5 رڪني گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار ڳجهن ادارن جي نالي تي ماڻهن کي اغوا ڪندا هئا.

ايس پي فدا حسين جوابدارن هڪ بزنس مين کي اغوا ڪري حب ۾ فارم هائوس ۾ رکيو هو، ڳجهن ادارن جي مدد سان مغوي کي آزاد ڪرايو ويو.

هن ٻڌايو ته جوابدارن وٽان ڳجهن ادارن جا ڪارڊ ۽ ٽوپيون هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته اهي اين جي او جي نالي تي اڪائونٽ ۾ ڀنگ جي رقم رکندا هئا.

پوليس موجب جوابدارن طرفان رقم ٻاهرين ملڪ منتقل ڪئي ويندي هئي، انهن جي آف شور ڪمپني ٺاهيل هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.