خيبرپختونخواهه: بجيٽ 18 جون تي پيش ڪئي ويندي

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي 700 ارب رپين کان وڌيڪ جي سالياني بجيٽ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

خيبرپختونخواهه جي ناڻي کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيڪنيڪي مسئلن جي ڪري سالياني ترقياتي پروگرام ۽ قبيلائي ضلعن جي بجيٽ ۾ هر هر تبديلي ڪرڻي پوندي آهي.

ذريعن موجب خيبرپختونخواهه صوبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ 200 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.

صوبي ۾ ساليانو هدف 45 کان وڌائي 55 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال ۾ خيبرپختونخواهه جي ڪل آمدن جو ڪاٿو 650 ارب رپين کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي.

ناڻي کاتي جي ذريعن موجب صوبي ۾ جاري خرچن جو ڪاٿو 475 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. قبيلائي ضلعن جا خرچ 65 ارب، پروگرام جي لاءِ 36 ارب رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته تجويز ڪيل بجيٽ جي انگن اکرن ۾ ڦيرڦار ٿي سگهي ٿي.

خيبرپختونخواهه حڪومت طرفان صوبي جي سالياني بجيٽ 18 جون تي پيش ڪئي ويندي.

You might also like