رپورٽ:خانپورمهر: چانهه جي اگهه ۾ هوٽل مالڪن پاران واڌ خلاف شهرين جو احتجاج جاري

عوامي آواز رپورٽ
خانپورمهر: چانهه جي اگهه ۾ هوٽل مالڪن پاران واڌ خلاف شهرين جو احتجاج جاري
عوامي آواز رپورٽ خانپورمهر: چانهه جي اگهه ۾ هوٽل مالڪن پاران واڌ خلاف شهرين جو احتجاج جاري

*خانپورمهرم ۾   چانھ جي ڪپ جي  اگهه ۾ هوٽل مالڪن پاران واڌ خلاف شهرين جو مسلسل آحتجاج. جاري آهي شهرين مختيارڪار آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو .

  هوٽل مالڪن پاران چانھ جي في ڪپ 20رپيه مان واڌائي30 ڪرڻ خلاف شهرين رحمت الله   گڏاڻي. عيدن مهر. گلاب. شمن علي ۽ٻين جي اڳواڻي ۾ مختيارڪارخانپورمھر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي   احتجاج ڪندڙ شهرين جو چوڻ آهي ته هوٽل مالڪن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري چانھ جو في ڪپ 20رپيه مان واڌائي30 ڪري ڇڏيو آهي جڏهن کير جو اگهه ساڳيو آهي.

 هنن چيو ته  هوٽل مالڪن جي ملي ڀڳت سان هڪ وقت چانھ في ڪوپ تي 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي جيڪا نا منظور آهي

 شهرين ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته هوٽلن جي مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري چانهن ساڳئي ملهه تي ڏني وڃي ………

You might also like