رپورٽ: خيرپور: ايس ايس پي عمر طفيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪهڙو ڪيو اهم انڪشاف؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: خيرپور: ايس ايس پي عمر طفيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪهڙو ڪيو اهم انڪشاف؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: خيرپور: ايس ايس پي عمر طفيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪهڙو ڪيو اهم انڪشاف؟

 

ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل چيو آهي ته پوليس ضلعي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦرڪيل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو آهي

ايس ايس پي عمر طفيل پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اي ۽ بي سيڪشن ٿاڻن جي پوليس جوابدار مسرور مهيسر، انعام ڦلپوٽو ۽ راهب شر کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان مختلف شهرين جون چوري ٿيل موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون آهن.

ايس ايس پي چيو ته سوڀوديرو جي رهواسين بدرالدين شِيخ، ۽ طارق شيخ جي گهرن مان سون، موبائل فونون ۽ ٻيو گهريلو سامان چوري ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث هڪ جوابدار لال بخش عرف لالو سهتو کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

جوابدار وٽان سونا زيور، موبائل فونون ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري مالڪن کي واپس ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي خيرپور وڌيڪ چيو ته پيرڳوٺ، پريالو، ٻٻرلوءَ ۽ اي سيڪشن پوليس همت علي  عرف بڊو ڌاريجو، مير محمد ملاڻو، امير بخش ڌاريجو ۽ انعام الله ڦلپوٽي کي پوليس مقابلن دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي عمر طفيل چيو ته ڏوهارين خلاف پوليس طرفان ڪيل ڪريڪ ڊائون دوران بدنام ڌاڙيل انور علي ناريجو کي بي سيڪشن پوليس طرفان پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي.

گرفتار ٿيل ڌاڙيل انور علي ناريجو خلاف ضلعي خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي اغوا ڦرن ڌاڙن ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت 19 ڪيس داخل آهن………………..

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.