رپورٽ:خيرپور: اوستاگاهي پاڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ، رهواسين جو احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
خيرپور: اوستاگاهي پاڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ، رهواسين جو احتجاج
عوامي آواز رپورٽ خيرپور: اوستاگاهي پاڙي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ، رهواسين جو احتجاج

خيرپور ويجهو  اوستاگاهي پاڙي ۾  پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، رهواسي پئسن عيوض پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.

اوستاگاهي محلي جي رهواسين امن ڪاميٽي جي چيئرمين حاجي يارمحمد  مڱڻيجي، زاهد مڱڻيجي، حاجي شير علي ، لياقت اڄڻ، ارباب شيخ، فهيم مڱڻيجي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پبلڪ هيلٿ ساجن مل اوستا گاهي جي 600 گهرن جو پاڻي بند ڪري پنهنجي برادري جي ماڻهن کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته ان ڪري  محلي ۾پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.

هنن چيو ته  اڄ پبلڪ هيلٿ خلاف سيشن ڪورٽ خيرپور ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ۽ ايتري قدر جو مسجدن ۾ وضوڪرڻ جي لاءِ به پاڻي نه آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهون مري وڃي ٿو ته غسل لاءِ پاڻي پئسن عيوض خريد ڪري ميت کي غسل ڏنو وڃي ٿو.

اڳواڻن چيو ته  ڪيترائي ڀيرا  ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ۽ پبلڪ هيلٿ کي لکت ۾ شڪايتون ڪيون آهن  پر ڪو به ٻڌڻ وارو ناهي.

هنن مڪاني اداري جي صوبائي وزير سعيد غني کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي محلي کي پاڻي فراهم ڪيو وڃي……………

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.