رپورٽ:ڪراچي: سُڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: سُڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: سُڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار سُڌ سماءَ جي اڳوڻي سيڪريٽري جي وڪيل جي مهلت واري درخواست منظور ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سڌ سماءَ واري کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري ذوالفقار شهلواڻي جي ضمانت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار جي وڪيل مهلت گهري، جيڪا منظور ڪندي عدالت 7 آگسٽ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 اُن کان اڳ ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻي سيڪريٽري جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل کي بنا ڪنهن وارنٽ جي گرفتار ڪيو ويو آهي، هو ڪيترن ئي مهينن کان جيل ڀوڳي رهيو آهي.

وڪيل دليل ڏيندي چيو ته جيستائين ٽرائل ڪورٽ جو فيصلو نٿو اچي، تيستائين سندس اصيل جي ضمانت منظور ڪئي وڃي.

واضح رهي ته نيب جو چوڻ آهي ته اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ اڳوڻي سيڪريٽري انفارميشن ذوالفقار شهلواڻي سوڌو ٻين جوابدارن تي 5 ارب 76 ڪروڙ رُپين جي ڪرپشن جو الزام آهي………..

You might also like