رپورٽ: ڪراچي: رسول بخش پليجي جي پهرين ورسي آرٽس ڪائونسل ۾ ملهائي وئي

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: ڪراچي: رسول بخش پليجي جي پهرين ورسي آرٽس ڪائونسل ۾ ملهائي وئي
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: ڪراچي: رسول بخش پليجي جي پهرين ورسي آرٽس ڪائونسل ۾ ملهائي وئي

 

ڪراچي ۾ ممتار سياستدان ۽ انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجي جي پهرين ورسي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ملهائي وئي.

آرٽس ڪائونسل ۾ ڪوٺايل ورسي تقريب ۾ اڳواڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري، اياز لطيف پليجي، مهتاب راشدي ، نور الهٰدا شاهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

انهي موقعي خطاب ڪندي مقررن جو چوڻ هو ته رسول بخش پليجي پنهنجي سموري زندگي مظلوم ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏي.

هنن چيو ته زندگي جي آخري گھڙين تائين به هو محڪوم طبقي جي حقن خاطر پاڻ پتوڙيندو رهيو.

مقررن چيو ته رسول بخش وسيع مطالعو رکندڙ عظيم اڳواڻ هو اهڙا غيرمعمولي انسان صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن ، سنڌ کيس عظيم قربانين خاطر سدائين ياد رکندي.

ورسي تقريب ۾  سندي نارين مختلف قومي گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪيا

رپورٽ: ڪراچي: رسول بخش پليجي جي پهرين ورسي آرٽس ڪائونسل ۾ ملهائي وئي

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.