رپورٽ:ڪراچي: گهوٽڪي ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ گهڻو آهي، پ پ ڪامياب ٿيندي: آغا سراج دراني

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: گهوٽڪي ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ گهڻو آهي، پ پ ڪامياب ٿيندي: آغا سراج دراني
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: گهوٽڪي ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ گهڻو آهي، پ پ ڪامياب ٿيندي: آغا سراج دراني

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته گذريل ڏينهن ٽرين جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشيءَ دوران ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي آغا سراج دراني چيو ته اين اي 205 گهوٽڪي جي چونڊن ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ وڌيڪ آهي، اتان پيپلزپارٽي ئي ڪامياب ٿيندي.

هوڏانهن سراج درنائي کي اثاثن کان وڌيڪ ملڪيت واري ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني خلاف ريفنس جي ٻڌڻي 26 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سراج دراني سميت سڀني جوابدارن کي ڪيس جون ڪاپيون ڏنيون ويون، جيڪي جوابدار غيرحاضر هئا انهن کي ٻيهر نوٽس جاري ڪيا ويا.

***

You might also like