ڪراچي: سرجاني ٽائون ۾ فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون واري علائقي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو.

سرجاڻي ٽائون جي علائقي ناردرن باءِ پاس خيبر هوٽل وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب مقتول جو مڙهه ۽ زخمين کي عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، جتي مقتول جي سڃاڻپ 30 ورهين جي شاهنواز پٽ متر خان طور ٿي، جڏهن ته زخمين ۾ سندس ڀاءُ الله نواز پٺاڻ ۽ عتيق الرحمان شامل آهن.

پوليس جو چوڻ هو ته لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي، واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.