رپورٽ:ڪراچي: وڪيلن پاران معزز ججن تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: وڪيلن پاران معزز ججن تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: وڪيلن پاران معزز ججن تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي

پاڪستان بار ڪائونسل جي اپيل تي اعليٰ عدالتن جي ججن تي ريفرنس داخل ڪرڻ خلاف وڪيلن پاران ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.

سنڌ بار ڪائونسل جي وڪيلن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ ۾ ڪارا جهنڊا ڦڙڪايا.

ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو اڄ هڙتال نه پر ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن.

وڪيل اڳواڻن چيو ته سڀاڻي سڄي سنڌ ۾ عدالتن جي  مڪمل هڙتال ڪئي ويندي، جيستائين ججن خلاف داخل ريفرنس واپس نه ورتا ويندا سندن احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن  پاران جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس ڪي ڪي آغا سان ٻڌيءَ جي اظهار طور ڪارو ڏينهن ملهائي ڪارا جهنڊا ڦڙڪايا………………

*****

You might also like