رپورٽ:ڪراچي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ٻڌيءَ جي اظهار طور سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

عوامي آواز رپورٽ
ڪراچي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ٻڌيءَ جي اظهار طور سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان
عوامي آواز رپورٽ ڪراچي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سان ٻڌيءَ جي اظهار طور سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

سپريم ڪورٽ بار جي نائب صدر صلاح الدين گنڊاپور چيو آهي تھ هو عدليھ جي آزادي ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد ڪري  رهيا آهن، جمهوريت جي بقا لاءِ جدوجهد لازم ۽ ملزوم آهي.

هن چيو تھ هي ملڪ اهڙي صورحال مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ جمهوريت سواليھ نشان بڻجي چڪي آهي.

سندس چوڻ هو تھ سڀاڻي جسٽس فائز عيسيٰ سان ٻڌي جي اظهار طور سڄي سنڌ ۾ وڪيل عدالتن جو بائيڪاٽ ڪندا.

صلاح الدين گنڊاپور چيو تھ سندن ايجنڊا رڳو دٻاءَ کان پاڪ ۽ آزاد عدليھ آهي.

ڪراچي بار جي اڳوڻي صدر محمود الحسن چيو تھ عدليھ آزاد نھ هوندي تھ ملڪ ترقي جي راهه تي ڪيئن گامزن ٿيندو.

هن چيو تھ 300 ريفرينس جوڊيشل ڪميشن وٽ موجود آهن، رڳو جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ڪارروائي جاري آهي.

سندس چوڻ هو تھ جسٽس فائز عيسيٰ فيض آباد ڌرڻي تي ججمينٽ ڏني ۽ ڪوئٽا ۾ ظلم ۽ بربريت خلاف آواز اٿاريو.

هن چيو تھ قاضي فائز عيسيٰ دلير، بهادر ۽ انصاف پسند جج آهي……………….

 *****

You might also like