ڪراچي ۾ چئن مهينن دوران ڦورن هٿان ڪيترا شهري مارجي ويا…؟ انگ اکر جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي شهر ۾ ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم دوران مزاحمت تي ماڻهن جي قتل ۽ زخمي ٿيڻ جي حوالي سان واقعن جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب گذريل چئن مهينن دوران ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ 181 گهرن ۾ ڦر جون وارداتون ٿيون، سينٽرل ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ 40 گهرن مان ڦر ٿي، جڏهن ته ڏکڻ ضلعي ۾ 36، اوڀر ضلعي ۾ 35، ملير ۾ 33، ڪورنگي ۾ 18، اولهه ضلعي ۾ 15 ۽ سٽي ڊسٽرڪٽ ۾ 4 گهرن ۾ ڦر جون وارداتون رپورٽ ٿيون.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته چئن مهينن دوران هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ماڻهن جو انگ 17 آهي، جڏهن ته اهڙين وارداتن ۾ 96 ڄڻا زخمي ٿيا.

رپورٽ موجب ضلعي اولهه ۽ ملير ۾ ڦورن جي فائرنگ ۾ 6-6، جڏهن ته ضلعي اوڀر ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا، ان کانسواءِ ضلعي سينٽرل، سٽي ۽ سائوٿ ۾ هڪ – هڪ شهري ڦورن جي فائرنگ جو بُک بڻيو.

سرڪاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ضلعي ڪورنگي ۾ 4 مهينن دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ 23 ڄڻا زخمي ٿيا، اولهه ضلعي ۾ 22، سينٽرل ضلعي ۾ 12، اوڀر ضلعي ۾ 10، ڏکڻ ۾ 5 ۽ سٽي ۾ 3 ماڻهو زخمي ٿيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.