رپورٽ:ڪنڌڪوٽ: ڪتي کي پٿر هڻڻ تان قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

عوامي آواز رپورٽ
ڪنڌڪوٽ: ڪتي کي پٿر هڻڻ تان قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج
عوامي آواز رپورٽ ڪنڌڪوٽ: ڪتي کي پٿر هڻڻ تان قتل ڪيل نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

ڪنڌڪوٽ ويجهو چار ڏينھن اڳ رسالدار ٿاڻي حد ۾ ڪتي جي معاملي تان قتل ٿيندڙ ھزارخان جکراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ  وارثن پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

مقتول جي وارثن شعبان جکراڻي، شاھ مور بنگوار، احسان جکراڻي ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  چار ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس مقتول جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن الزام لڳايو ته قاتلن کي احسان الرحمن مزاري ۽ اعجازخان جکراڻي  جي پٺڀرائي حاصل آهي.

ھنن الزام هنيو ته  ڊي ايس پي رحمت الله گولو ۽ ته  ايس ايڇ او رسالدار عبدالفتاح ڏاھاڻي   جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آھن.

ھنن سنڌ سرڪار کي مطالبو ڪيو ته  معاملي جو نوٽيس قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو…………………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.